سيپڪو جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مقرري سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ چئلينج

سکر: سيپڪو جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مقرري عدالت ۾ چئلينج ڪندي شھري منير احمد سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئينچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بورڊ چيئرمين سميت 9 ميمبرن جي مقرري قانون جي ابتڙ آھي. بورڊ جي مقرري ميرٽ کي نظر انداز ڪري ڪئي وئي آھي. بورڊ جو چيئرمين ۽ ميمبرن جو تعلق سنڌ صوبي بجاءِ ٻين صوبن سان آھي. بورڊ ميمبرن جي مقرريءَ جو ڪنھن به اخبار ۾ اشتھار ناھي ڏنو ويو. پٽيشن ۾ وفاقي حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آھي. وفاقي سيڪريٽري ڪيبينٽ، سيڪريٽري پاور ڊويزن، وفاقي سيڪريٽري انرجي، سيڪريٽري فنانس کي به ڌر بڻايو ويو. عدالت پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڌرين ڏانھن نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پھرين سيپٽمبر تي مقرر ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔