جهمپير ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليو ٽيم جي تذليل، ڦڙا پيئارڻ کان انڪار

ٺٽو :جھمپير ويجهو ڳوٺ عمر چانگ ۾ پوليو جا ڦڙا پيئارڻ لاءِ هيلٿ ورڪر زبيده چانگ ۽ ولي محمد چانگ تي مشتمل ٽيم جي پهچڻ تي ڳوٺاڻن ٻارن کي ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪندي ٽيم کي مبينا تذليل جو نشانو بڻائي ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو. ٽيم جي اطلاع تي جھمپير پوليس ڳوٺ پهچي وئي. پوليو انچارج ڊاڪٽر نظير چيو ته پوليو ٽيم ڦڙا پيئارڻ لاءِ ڳوٺ عمر چانگ پهتي ته ڳوٺاڻن پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪندي مبينا طور تي ٽيم جي تذليل ڪئي جڏهن ته جهمپير پوليس جو چوڻ هو ته پوليو ٽيم ۽ ڳوٺاڻا پاڻ ۾ ويجھا مائٽ آهن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔