ڄامشورو ۾ هٿياربندن جو گھر تي حملو: پوليس پھچڻ تي 15 ڀاتي يرغمال

ڄامشورو: واپڊا ڪالوني ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن سوڌو ڀاتي يرغمال بڻايو. اطلاع تي پوليس پهچي وئي، هٿياربندن طرفان رستو نه ملڻ تي گهرڀاتين کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن، پوليس جو چوڻ آھي تھ 20 کان وڌيڪ هٿياربندن ڌاڙو ھڻڻ لاءِ گهر تي حملو ڪيو، جيئن ئي پوليس اهلڪار پهتا ته ھٿياربندن پاران 15 گهرڀاتين کي يرغمال بڻايو ويو. پوليس اھلڪارن جو چوڻ آھي تھ گهرڀاتين کي نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪارروائي بدران هٿياربندن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔