ڪورونا صورتحال: پي ٽي آءِ پاران 08 آگسٽ تي مٺي ۾ اعلانيل جلسو ملتوي

مٺي : پي ٽي آءِ پاران 08 آگسٽ تي مٺي ۾ اعلانيل جلسو ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون واري صورتحال سبب ملتوي ڪيو ويو آھي، پي ٽي آئي پاران ٿر ۾ پوليس گردي،انتقامي ڪارواين خلاف ۽ مقتول دودو ڀيل جي خاندان سان اظهار يڪجهتي لاءِ اٺ آگسٽ تي مٺي ۾ عوامي جلسي جو اعلان ڪيو ويو هو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وڪيل لجپت سوراڻي چيو آھي تھ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي فون تي رابطو ڪري ڪورونا ۽ ملڪي صورتحال کي مدي نظر رکندي جلسو ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ لجپت سوراڻي چيو آھي تھ اعلانيل جلسي جي ايندڙ تاريخ جو اعلان قيادت جي مشوري بعد ڪيو ويندو، جلسو ڪورونا جي صورتحال سبب ملتوي ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔