ڪراچي: عدالت ايس او پيزجي ڀڃڪڙي تي پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي : ڪراچي جي عدالت شهرين خلاف ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جا ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، ڪورنگي ۽ اوڀر ضلعن جي پوليس کي قلم 144 جي ڀڃڪڙي جا ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم، لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا قلم 144 جي ڀڃڪڙي جا ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪيو ويو، تڏهن به پوليس عدالتي حڪمن تي عمل نٿي ڪري، اهڙن مامرن ۾ ڪيس بدران شڪايت داخل ڪئي وڃي، هاڻي پوليس اهڙا ڪيس داخل ڪرڻ کان پاسو نه ڪيو ته ڪارروائي ٿيندي، ايس او پيز ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي جي ڪيسز ۾ گرفتار جوابدارن کي فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔