سنڌ ۾ جزوي لاڪ ڊائون، بازارون بند، ٽريفڪ گهٽ، ٻيلهه سواري تي پابندي، مسافر دربدر

ڪراچي : سڄي سنڌ ۾ اڄ کان هڪ هفتي لاءِ جزوي لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جي حوالي سان سنڌ جي گهرو کاتي صوبي ۾ لاڪ ڊائون جي پابندين جو نوٽفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، لاڪ ڊائون سبب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين شهرن ۾ بازارون بند ۽ ٽريفڪ معمول کان گهٽ آهي، جڏهن ته ڪجهه شهرن ۾ڪاروبار کليل ۽ ايس او پيز کي بلڪل به نظر انداز ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت جَي نوٽيفڪيشن موجب ڪريانه، بيڪري، سبزي ۽ گوشت جا دڪان شام ڇهين وڳي تائين کليل رهندا، يونيورسٽيز ۽ ڪاليجز به بند رهند، موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، ڪار ۾ به رڳو 2 ماڻهو سفر ڪري سگهندا. جڏهن ته امتحان به 8 آگسٽ تائين ملتوي ڪيا ويا آهن، نوٽيفڪيشن موجب بسون به بند رهنديون، صرف رڪشا ۽ ٽيڪسي هلنديون، جڏهن ته ريسٽورنٽس کان صرف هوم ڊيلوري جي اجازت هوندي، هن کان علاوه تعليمي، واپاري، مذهبي، تفريحي ۽ راندين جي سرگرمين تي به مڪمل پابندي هوندي، جڏهن ته جنازي جي نامز ۽ ٻيون مذهبي رسمون ايس ايڇ او جي عمل ۾ آڻي ادا ڪئي ويندي، واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ڪورونا جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي ۾ 31 جولاءِ کان 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي پاسي قمبرشهر ۾ لاڪ ڊائون جي اعلان تي ڪو بہ عمل نہ ٿي سگهيو، شهر جون سموريون بازارون نيرولي بازار، صرافہ بازار، شاهي بازار، ڪلاٿ بازار، ريشم گلي، سرڪل روڊ مڪمل طور تي کليل آهن، بازارون کليل هئڻ ڪري عوام جي شهر ۾ رش ايس او پيز تي ڪٿي بہ عمل نہ ٿي سگهيو، شهر توڙي شهر کان ٻاهر ويندڙ ٽريفڪ بہ معمول مطابق هلندڙ آهي، ۽ ڊبل سواري تي پابندي لاڳو هئڻ جي باوجود شهري ڊبل سواري استعمال ڪندي نظر اچن ٿا، هوڏانهن مدئجي ۾ ۾ به سنڌ حڪومت پاران ٿيل لاڪ ڊائون واري اعلان کي مدئجي شھر واسين ٿڏي ڇڏيو، ڪاروبار مڪمل طور تي کليل ۽ ٽرانسپورٽ ھلي رهي آهي، انتظاميه غائب آهي، ٻئي پاسي موري ۾ به شهرين ۽ دڪاندارن لاڪ ڊائون واري حڪومتي اعلان کي ٿڏي ڇڏيو، شهر ۾ سمورو ڪاروبار کليل آهي ۽ پوليس بي وس بڻجي وئي، سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي چوٿين لھر تي ظابطو آڻڻ لاء لاڪ ڊائون واري فيصلي کي قبول نہ ڪيو ويو آھي مسافر گاڏيون پڻ پنھنجي روٽن تي ھلي رهيون آهن، سمورو شھر کليل دڪاندار بغير ماسڪ ۽ ايس او پيز جي ڪاروبار ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔