حيدرآباد: پ پ اڳواڻ شوڪت سمون قتل ڪيس ۾ 2جوابدارن جي ضمانت منظور

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ حيدرآباد ڍورو نارو ۾ قتل ٿيل پ پ اڳواڻ شوڪت سمون جي ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جسٽس ارشاد علي شاهه تي مشتمل سنگل بئنچ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار امير الدين سمون ۽ محمد جمن جي ضمانت منظور ڪندي 2,2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، نومبر 2020ع ۾ پ پ اڳواڻ شوڪت سمون کي اوطاق تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، غلام نبي شاهه پوليس سندس ڀاءِ مير محمد سمون جي فرياد تي 9 جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔