دادو: جتوئي- شاهاڻي تڪرار جو جرڳو عدالت ۾ چئلينج

دادو: دادو بار جي ميمبر وڪيل غلام نبي لاشاري جتوئي شاهاڻي برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي ٿيل جرڳي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو ، پي پي ايم اين اي رفيق احمد جمالي، سردار منظور پنهور، سردار ابراهيم جتوئي، مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي، عابد جتوئي، سردار چاڪر خان شاهاڻي، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊي سي دادو ۽ ايس ايس پي دادو خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪيٽي جتوئي ۾ قتل ڪيل منٺار علي ۽ طالب حسين شاهاڻي جو خون لوڙهڻ لاءِ جرڳو ڪيو جيڪي قانوني حيثيت نه ٿو رکي، جرڳو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري قتل ٿيلن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، سيشن جج ايس ايس پي دادو ۽ ڊي سي دادو کي نوٽيس جاري ڪندي 5 آگسٽ تي رپورٽ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔