خورشيد شاهه پاران ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو

سکر: پ پ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڪيل محمد مخدوم علي خان ضمانت بابت درخواست تيار ڪري ورتي، اڄ جمع ڪرائڻ جو امڪان آهي، سيد خورشيد احمد شاهه جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان درخواست رد ڪرڻ بعد سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي رهيا آهيون، اميد ته سپريم ڪورٽ ضمانت واري درخواست منظور ڪندي، سڌهاءِ ڪورٽ 4ڏينهن اڳ خورشيد شاهه جي ضمانت بابت درخواست رد ڪئي هئي، گذريل 22مهينن کان حراست ۾ آهي، خورشيد شاهه کي نيب 18سيپٽمبر 2019 تي گرفتار ڪيو هو، خورشيد شاهه سوڌو 18ڄڻن تي هڪ ارب23ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔