جهانگير ترين ڏھيسر هائوس پهچي ويو، امير بخش ڀٽو سان تعزيت

ڪراچي: سردار ممتاز علي ڀٽو جي وڇوڙي تي امير بخش ڀٽو سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ جهانگير خان ترين ۽ سندس پٽ علي ترين ڏھيسر هائوس ڪراچي پهچي سردارممتازعلي ڀٽو جي وفات تي نواب امير بخش ڀٽو سان تعزيت ڪري ڏک ونڊيو. ان موقعي تي جهانگير ترين چيو ته سردارممتازعلي ڀٽو هڪ بزرگ، با اصول ۽ عوام جو هڏ ڏوکي سياستدان هو، جنهن جي وڇوڙي سان سياست ۾ هڪ نه ڀرجندڙ خال پيدا ٿيو آھي. هن چيو ته هن غمگين صورتحال ۾ اسان جون امير بخش ڀٽو سان همدرديون آھن ۽ دعا ڪريون ٿا ته پالڻهار مرحوم ممتازعلي ڀٽو جا درجا بلند ڪري ۽ سندس پوئيرن کي صبر ۽ برداشت جي توفيق عطا فرمائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔