اسٽيٽ بينڪ جو وياج جي شرح 7 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح 7 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسٽيٽ بينڪ ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب وياج جي شرح 7 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته مسلسل پنجون ڀيرو پاليسي ريٽ کي مستحڪم رکيو ويو آهي جڏهن ته مهانگائي جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون دوران به معاشي ڏهائي بهتر آهي، جون ۾ مهانگائي جي شرح 8.9 سيڪڙو رهي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هڪ ڏهائي 8 ارب ڊالر تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي، بروقت ۽ بهتر فيصلن جي ڪري معيشت م استحڪام نظر پيو اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔