صبا قمر جو عورتن جي تحفظ لاءِ مردن کان مطالبو

لاهور : اداڪار صبا قمر مردن سان مخاطب ٿيندي انهن کان عورتن کي هراسان ڪندڙن جي نشاندهي جو مطالبو ڪيو آهي.
صبا قمر انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ”ڪنهن چيو اسان عورتون ايندڙ هيش ٽيگ بڻجڻ لاءِ رڳو هڪ درندي صفت مرد کان پري آهيون ۽ ان ڳالهه سان منهنجي لونءَ ڪانڊرجي وئي.
معاشري ۾ عورتن تي وڌندڙ تشدد ۽ قتل جي واقعن کي نظر ۾ رکندي اداڪارا پنهنجي سڀني مرد مداحن سان مخاطب ٿيندي لکيو ته ”جيڪڏهن توهان سچا مرد آهيو ۽ پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن عورت بابت ڳڻتي ڪري چڪا آهيو ته پنهنجي دوستن ۽ عزيزن مان اهڙن ظالم مردن جي سرعام نشاندهي ڪيو، جيڪي عورتن تي تشدد يا انهن کي هراسان ڪرڻ جهڙن خيالن جي ذهنيت وارا آهن“.
صبا قمر مردن کي چيو ته ”مهرباني ڪري ڀاءُ ڀاءُ وارو ناٽڪ بند ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن توهان سرعام انهن ماڻهن جا نالا نٿا کڻي سگهو ته ان جو مطلب اهو آهي ته توهان انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔