رنگ دي بسنتي لاءِ ”جيمز بانڊ“ به آڊيشن ڏنو هو: فلمساز جو انڪشاف

ممبئي : مشهور بالي ووڊ فلم ”رنگ دي بسنتي“ جي فلساز راڪيش اوم پرڪاش مهرا انڪشاف ڪيو آهي ته ان فلم جي لاءِ جيمز بانڊ جو ڪردار نڀائيندڙ ڊينيئل ڪريگ به آڊيشن ڏنو هو پر کيس ان ئي وقت جيمز بانڊ سيريز جي فلم ”ڪيسينو رائل“ لاءِ گهرايو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب اهڙو انڪشاف فلمساز راڪيش اوم پرڪاش مهرا پنهنجي آتم ڪٿا ”آئيني ۾ اجنبي“ ۾ ڪيو، اهو ڪتاب هن گڏيل رضامندي سان ريٽا راما مورٿي گپتا سان گڏ لکيو هو.
فلم ۾ هڪ نوجوان پوليس آفيسر ميڪ ڪنلي جو ڪردار ۽ ان جي پوٽي ميڪ ڪنلي جي ڪردار لاءِ ترتيب وار ميڪنٽوش ۽ اليس پيٽن کي ڪاسٽ ڪيو ويو هو پر پنهنجي ڪتاب ۾ اوم پرڪاش مهرا جو چوڻ هو ته جيمز ميڪ ڪنلي جي ڪردار لاءِ ڪنهن ٻئي نه پر هاڻوڪي جيمز بانڊ ڊينيئل ڪريگ به آڊيشن ڏنو هو.
فلمساز وڌيڪ ٻڌايو ته ان فلم ۾ سندس پهرين چونڊ ڊينيئل ڪريگ ئي هو پر هُن نئين جيمز بانڊ ٺهڻ جي ڪري وقت گهري ورتو هو ۽ ان کانپوءِ سڀ ڪجهه ماضي بڻجي ويو.
واضح رهي ته فلم رنگ دي بسنتي سال 2006 ۾ رليز ٿي هئي، جنهن ۾ مسٽر پرفڪيشنسٽ عامر خان، سڌارٿ، اتل ڪلڪرني، سوها علي خان، شرمن جوشي، ڪمال ڪپور ۽ ٻين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا.
ٻئي پاسي ڪريگ ڊينيئل به سال 2006 ۾ جيمز بانڊ بڻجڻ جي شروعات ڪيسينو رائل جي رليز ٿيڻ سان ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔