اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ڪيتريون ئي گاڏيون لڙھي ويون

اسلام آباد: اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ رات کان ٿيندڙ مسلسل برسات ھيٺانھين وارا علائقا ٻڏي ويا، ڪيترن ئي گھرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويون، ذريعن موجب جاڙن شھرن ۾ رات کان شروع ٿيندڙ برسات جو سلسللو اڃان تائين جاري آھي ۽ صرف اسلام آباد ۾ 330 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي چڪي آھي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آھي، ملڪ جي راڄڌاني ۾ 330 ملي ميٽر برسات رڪارڊ، هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ، پاڻي گهرن ۾ به داخل، ڪيتريون ئي گاڏيون برساتي پاڻي ۾ لڙهي ويون، سي ڊي اي انتظاميا جو چوڻ آهي ته 95 سيڪڙو علائقن جا روڊ رستا ڪليئر ڪيا ويا آهن، سيڪٽر اِي اليون سي ڊي اي ڪنٽرول ۾ ناهي، تيز برسات سبب لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح ۾ لاڳيتو اضافو، ٻوڏ جي خطري سبب سائرن وڄايا ويا، فوجي جوانن سول انتظاميا سان گڏ امدادي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون: آءِ ايس پي آر موجب فوجي جٿا شهرين کي محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ ۾ رڌل آهن، انتظاميا جو چوڻ آهي ته راول ڊيم جي سطح وڌيڪ هڪ فُٽ وڌي ته اسپيل ويز کوليا ويندا، مري، گجرات، مالاڪنڊ، مظفر آباد، نيلم جهلم ۾ به برسات، جهلم درياءَ ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔