سعودي عرب جو هڪ ٻيو هنڌ عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل

رياض : سعودي عرب جي هڪ ٻئي هنڌ کي يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ائين سعودي عرب ۾ اهڙن هنڌن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.
يونيسڪو طرفان اعلان ڪيو ويو ته سعودي عرب جي ڏکڻ اولهه ۾ موجود علائقي حميٰ کي ان فهرست ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.
حميٰ ۾ قديم دور جا پٿر سان ٺهندڙ ڪيترائي ڪامپليڪس موجود آهن.
هوڏانهن سعودي عرب جي ثقافت واري وزير شهزادي بدر بن عبدالله بن فرحان السعود اهڙي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.
واضح رهي ته حميٰ ماضي ۾ حج لاءِ اتان گذرندڙ قافلن جي هڪ اهم گذرگاهه هو، ان علائقي ۾ ڪيتريون ئي جايون، کوهه ۽ عمارتون 3-3 هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔