چين ۾ مينهن هڪ هزار سالن جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، 25 ڄڻا فوت

بيجنگ: چين ۾ مينهن جو هڪ هزار سالن جو ريڪارڊ ٽٽي ويو جڏهن ته مينهن سبب هن وقت تائين 25 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب چين ۾ گذريل ٽن ڏينهن دوران پيل خطرناڪ مينهن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، مينهن سبب گاڏيون، گهٽيون ۽ اسٽيشنز پاڻي ۾ ٻڏي ويون آهن.
چيني خابرو اداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ اڪائونٽ تان هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ زينگ زو شهر جي ميٽرو کي پاڻي ۾ ٻڏل ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ڪيترائي مسافر به ان ۾ ڦاٿل آهن.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آزادي واري زينگ زو شهر ۾ عوام ريسڪيو ادارن جو منتظر آهي.
چين ۾ ٿيل مينهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 25 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جنهن ۾ 12 سب وي پسنجر به شامل آهن جڏهن ته چيني صوبي هينان ۾ مينهن جي هڪ سال هزار سالن جو ريڪارڊ ٽٽي ويو.
اختيارين موجب زينگ زو شهر ۾ ڇنڇر کان اڱاري دوران 617.1 ملي ميٽر مينهن ريڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو شهر ۾ مينهن جي سالياني اوسط 640 جي برابر آهي.
مقامي ميڊيا جو ٻڌائڻ آهي ته مينهن سبب هڪ ملين کان وڌيڪ ماڻهو خراب نموني متاثر ٿيا آهن ۽ هڪ لک 60 هزار کان وڌيڪ شهري لڏ پلاڻ تي مجبور آهن جڏهن ته هن وقت تائين 7 ڄڻا گم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔