بحريا ٽائون کان اوڳاڙيل رقم مان 10 بلين گجر نالي ۽ ٻين متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت بحريا ٽائون کان اوڳاڙيل رقم مان 10 بلين گجر نالي ۽ ٻين متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ گجر، ڪورنگي ۽ محمود آباد نالن تي حددخلين خلاف آپريشن بابت غور ويچار ڪيو ويو، وڏي وزير چيو ته بحريا ٽائون کان اوڳاڙيل رقم مان 10 بلين آپريشن متاثرن تي خرچ ڪيا ويندا، بي گهر ٿيل ماڻهن کي سرڪار گهر وٺي ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔