اسرا فائونڊيشن جي صدر غلام قادر قاضي، صحت ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن خلاف جاچ جي منظوري

ڪراچي: نيب ڪراچي اسرا فائونڊيشن جي صدر غلام قادر قاضي، صحت ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن، انفارميشن اينڊ آرڪائيو کاتي جي آفيسرن، ورڪس اينڊ سروس کاتي جي اڳوڻي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مدد علي آرائين، گھوٽڪي فيڊر ڪينال جي اڳوڻي ڊائريڪٽر غلام ياسين قريشي، سيوھڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيسرن ۽ ٻين خلاف ھلندڙ انڪوائرين کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. بورڊ اعليٰ اختيارين کي سفارش ڪئي ته تعليم کاتي ۽ سنڌ جي تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ آفيسرن جي خلاف انويسٽيگيشن ۽ ٻين کي جاچ ۾ تبديل ڪيو وڃي. بورڊ پاران آگاهي ڏني وئي ته جوابدارن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي گهوٻيون هنيون، جوابدارن تعليم کاتي ۽ سنڌ جي صحت کاتي ۾ 11 ٺيڪا من پسند فرمن کي ڏنا، جنهن سان قومي خزاني کي تقريبن 9 ارب رپين جو نقصان پهتو. آرڪائيوز کاتي به اشتهاري ايجنسين جي اشتراڪ سان اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ عوامي آگاهي واري مهم تي غير قانوني طور تي وڏي پئماني تي خرچ ڪري قومي خزاني کي 2 ارب رپين جو نقصان پهچايو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔