ننگرپارڪر ۾ سياحن جي تذليل ٿئي ٿي، ڊي جي رينجرز سان ڳالهائيندس: سردار شاه

ڪراچي؛ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير سردار شاهه چيوآ هي ته ننگرپارڪر ۾ سياحن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، ان بابت ڊي جي رينجرز سان ڳالهائيندس. هن چيو ته رينجرز ڪيميرا جي پڇا ڪندي سياحن کي تنگ ڪري ٿي. سنڌ ۾ ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي آرٽس ڪائونسل ٺاهيون پيا، جن جو هڪ ٻئي سان رابطو رهندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ استاد شفيع جهڙن هڪ ٻن کي ڇڏي باقي جن فنڪارن اڪيڊميون کوليون آهن ته اهي پاڻ ئي سکيا ناهن ته ٻين کي ڪهڙي سکيا ڏيندا. ڄامشوري ۾ ميوزڪ اڪيڊمي کوليون پيا، جنهن جو جلد بل پاس ڪرائينداسين. سردار شاه چيو ته سياحن لاء مٺي ۽ ننگرپارڪر ۾ ريسٽورنٽ ھائوسز آهن, پر هينئر ڏھ ڏينهن اهي اين سي او سي جي فيصلي تحت بند رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔