جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر امجد سراج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت وائس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. عدالتي حڪم موجب امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن سول سوٽ جي فيصلي تائين معطل رهندو. هاءِ ڪورٽ سنگل بينچ طرفان امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ بدران نوٽيس جاري ڪيا هئا، عدالت هڪ رڪني بينچ جو فيصلو به رد ڪري ڇڏيو. سنگل بينچ امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔