اشرف غني پاران پاڪستان تي لڳايل الزام مڪمل طور بي بنياد آهن: عمران خان

تاشقند: وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني طرفان پاڪستان تي لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. سينٽرل ۽ سائوٿ ايشين ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغان صدر اشرف غني پاڪستان تي الزام هنيو ته پاڪستان مان 10 هزار ويڙهاڪ افعانستان ۾ داخل ٿيا. اشرف عڻي چيو ته جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون نه ٿيون ته اسان وڙهنداسين، اهو امن جو آخري موقعو آهي. اشرف غني جي الزامن تي رد عمل ظاهر ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اشرف غني پاران پاڪستان تي الزام هنيا پيا جيڪي مڪمل طور تي بي بنياد آهن. عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن ، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو سڀ کان وڌيڪ خواهشمند آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جڏهن اسان چئي رهيا هئاسين تڏهن طالبان سان نه ڳالهايو ويو، هاڻ طالبان فتح جي ويجهو آهن ته پوءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔