ڪوئٽا ۾ زبون حال گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 ٻارڙا دٻجي فوت

ڪوئٽا: سموري ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو جاري آهي. برساتن سبب حادثن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

گذريل ڏينهن لاهور ۾ تيز برسات سبب شادباغ  ۽ سن پوره ۾ ٻه ماڙ گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي ملبي هيٺيان دٻجي ٻن ٻارن ۽ ٻن عورتن سميت ڇهه ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. اهڙي طرح جو هڪ ٻيو ڏکوئيندڙ واقعو ڪوئٽه ۾ پشين واري علائقي ۾ پيش آيو آهي جتي گهر جي ڇت ڪري پئي. ڏکوئيندڙ واقعي ۾ 4 ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ليويز ذريعن موجب واقعو بوستان ڪلي ويگي ۾ رات دير سان پيش آيو فوت ٿي ويلن ۾ پيءُ دائود ۽ ان جا چار ٻار شامل آهن. واقعي جي اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ لاشن کي ملبي هيٺيان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. ليويز  ذريعن جو چوڻ آهي ته  واقعو علائقي ۾ برسات ۽ گهر جي زبون حالي سبب پيش آيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔