پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 35 ماڻهو فوت،هڪ هزار 828 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 35 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته هڪ هزار 828 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

اين سي او سي موجب ڪورونا سبب پاڪستان ۾ موت جو مجموعي انگ 22 هزار 555 ۽ هاڪاري ڪيسن جو انگ 9 لک 71 هزار304 ٿي ويو آهي .

ايڪٽو ڪيسن جو انگ 36 هزار454 آهي ۽ 9 لک 12 هزار 295 ماڻهو ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن.

ڪورونا سبب سڀ کان وڌيڪ ماڻهو پنجاب ۾ مئا آهن جتي 10 هزار 815 ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 5 هزار 583 ، ڪي پي ۾ 4 هزار 353 ، اسلام آباد ۾ 782 ، گلگت بلتستان ۾ 111، بلوچستان ۾ 317 ۽ آزاد ڪشمير ۾594 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔