ڪراچي ۾ چوماسي برساتن جي اڳڪٿي: سائن بورڊ لاهڻ جا حڪم جاري

ڪراچي: ڪراچي ۾ چوماسي برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي سمورا سائن بورڊ لاهڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

تفصيل موجب ڪراچي ۾ چوماسي برساتن ۽ تيز هوائن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ضلعي سينٽرل ۾ سمورا هولڊنگ بورڊ، اسٽيمپر، سائن بورڊ لاهڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ضلعي سينٽرل جي ڊي ايم سي ايڊورٽائيزنگ شعبي سمورين ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪيا هئا. پر اڃان تائين سائن بورڊ اسٽيمپر ۽ هولڊنگ بورڊ  نه هٽايا ويا آهن. ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڊي ايم سي طرفان آپريشن جو سلسلو جاري آهي پر ضلعي ايسٽ، ويسٽ  ۽ سائوٿ ضلعي ۾ سائن بورڊ اڃان تائين نه هٽايا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن جي باوجود اڃان تائين عمل ٿيندي نظر نه  پيو اچي. شهر ۾ برساتن کان اڳ ئي تيز هوائون هلڻ جو سلسلو جاري آهي. ياد رهي ته موسميات کاتي ڪراچي ۾ چوماسي کان اڳ اسپيل جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ 15 جولاءِ کان برساتن جي پهرين اسپيل جي شروعات ٿي ويندي.

موسميات کاتي جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پهريون اسپيل 15 کان 17 جولاءِ تائين ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ان اسپيل ۾ وچولين برساتن جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔