ڪراچي ڪنهن جي ماسي جو گهر ناهي، جو جيئن وڻي تيئن ڪريو:عمران اسماعيل

ڪراچي: گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آھي تھ ڪراچي ڪنهن جي ماسي جو گهر ناهي، جو جيئن وڻي تيئن ڪريو، سمورين ڌُرين کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو، جيڪو واعدو ڪيو، اُهو نڀائڻو پوندو، گورنر عمران اسماعيل مرتصيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو، گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته گورنر هائوس ۾ اهم گڏجاڻي دوران دوران طئه ٿيو هو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي مشاورت سان ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويندو، مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ وارو فيصلو معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، سندس واسطو پيپلز پارٽي سان آهي ۽ ايڊمنسٽريشن جو تجربو نٿو رکي، وفاق سان ڪابه مشاورت ناهي ڪئي وئي، مرتضيٰ وهاب جي حوالي سان فيصلي کي قبول نٿا ڪريون، گورنر هائوس ۾ جي ڊي اي اڳواڻ راضي جتوئي ۽ ٻين سان ملاقات بعد گورنر چيو ته وزيراعظم سان جلد ملاقات ڪري سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو، وزيراعظم ارباب رحيم کي جيڪو ٽاسڪ ڏيندو، اُن کي پورو ڪرڻ ۾ سهڪار ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔