وفاقي حڪومت جي ڪاميٽي پاران پورهيت دودي ڀيل جي وارثن سان ملاقات

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ٽو جي خانگي سيڪيورٽي گارڊن هٿان مبينا تشدد بعد قتل ٿيل دودي ڀيل جي واقعي تي وفاقي حڪومت پاران جوڙيل ڪاميٽي جا اڳواڻ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب پهتا، وفاقي پارليماني سيڪريٽري لال مالهي جي اڳواڻي ۾ شنيلا رٿ، چيلارام ڪيولاڻي، ڪنول اعجاز، ڪرشن شرما ۽ ٻيا شامل هئا، ان موقعي تي وفاقي پارليماني سيڪريٽري لال مالهي چيو ته مقتول دودي جي وارثن سان تعزيت ڪري تفصيل معلوم ڪيا، رپورٽ ٺاهي وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي، دودي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون زيادتيون ڪن ٿيون هاڻي ته گارڊن هٿان اسان جي نوجوانن کي تشدد ڪري ماريو پيو وڃي، لال مالهي چيو ته دودي جي وارثن سان انتهائي گهڻو ظلم ٿيو آهي هڪ نوجوان کي قتل ڪيو ويو بعد ۾ پوليس ذريعي عورتن تي تشدد ڪرائي ڪيس داخل ڪيو ويو، مقتول جي وارثن گهر ڪئي آهي ته ايس ايس پي ٿر کي هٽائي هتي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪري واقعي جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي وڃي، مقتول جي وارثن سان ھر صورت ۾ انصاف ٿيندو پوليس تشدد شرمناڪ عمل آھي، مقتول جي وارثن سان ملي ھر پاسي جاچ ڪئي آھي حقيقتون وزير اعظم کي پيش ڪنداسين. ان موقعي تي ھيومن رائٽس اڳواڻ چيلارام ڪيولاڻي چيو ته مقتول دودو جي گھر واري ۽ امڙ تي پوليس تشدد تي شرمسار آھيون، دودي ڀيل جي قتل ڪيس کي انسانيت جو قتل سمجهون ٿا انهي تي پي ٽي آء چاهي ٿي ته سياست ٿيڻ نه کپي جيئن دودي جي وارثن کي انصاف ملي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔