نيب پاران ڪي اي ايس بي بينڪ جي اڳوڻي صدر سميت 6 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل

ڪراچي: ڪي اي ايس بي بينڪ جي عملدارن طرفان ڪاروباري رقم غيرقانوني طور منتقل ڪرڻ جي الزام هيٺ نيب ڪي اي ايس بي بينڪ جي اڳوڻي صدر امير حسن زيدي سميت 6 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. نيب ملزمن خلاف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي شڪايت تي جاچ جي شروعات ڪئي هئي، 2015 ۾ ڪي اي ايس بي، بينڪ اسلامي ۾ ضم ٿيو هو، ريفرنس موجب ڪي اي ايس بي بينڪ جي عملدارن غير قانوني طور تي رقم منتقل ڪئي، 2012ع ۾ ڪي اي ايس بي جي ايڊوائيزر ناصر علي شاهه ٻين جوابدارن سان ملي اختيارن جو ناجازئ استعمال ڪيو، ملڪ اندر ۽ پرڏيهه ۾ اڪائونٽ کوليا ۽ 3 ارب 11 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم منتقل ڪئي، عدالت ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔