سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. پروفيسر ڊاڪٽر لبنيٰ انصاري نئي وائس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي مقرري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن تي عدالت ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي ڌرين کان 14 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواست ۾ ڊاڪٽر لبنيٰ انصاري موقف اختيار ڪيو ته امجد سراج ميمڻ جي وائيس چانسلر طور مقرري ميٽ جي خلاف آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔