بحريا ٽائون آڏو ڌرڻو، 22 ايف آءِ آرز جي جاچ داخل ڪندڙ آفيسر کان رپورٽ طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون آڏو ڌرڻي بعد هڪ ئي واقعي جون 22 ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ خلاف درخواست تي جاچ آفيسر کان 28 آگسٽ تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪيس جو چالان به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، جلال محمود شاهه جَي وڪيل سجاد چانڊيو دليل ڏنا ته وٽس ثبوت آهن ته پوليس اهلڪارن بحريا ٽائون ۾ ڦرلٽ ڪئي، هڪ شخص خلاف 22 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون، عدالت ريمارڪس ڏنا ته ايئن لڳي رهيو آهي ته هڪ ئي ماڻهو گاڏي ساڙي رهيو آهي، بينڪ ۽ گهرن مان ڦرلٽ ڪري رهيو آهي، سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته جوابدارن پاڪستان ۽ پوليس مخالف نعرا هنيا، عدالت سوال ڪيو ته اوهان وٽ ثبوت آهن، اوهان جيل ۾ ويٺا آهيو ۽ چئو ٿا ته وڌيڪ رمانڊ ڏيو، جاچ آفيسر کي ٽريننگ جي ضرورت آهي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔