ايڪسپو سينٽر حيدرآباد کي فعال ڪرڻ لاءِ معاهدي تي صحيحون

ڪراچي: ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان ۽ ڪمشنر حيدرآباد پاران ايڪسپو سينٽر حيدرآباد جي بحالي جي ايم او يو تي صحيحون ڪيون، تقريب جي صدارت چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ٽڊاپ عارف احمد ڪئي. سنڌ حڪومت ۽ ٽڊاپ جي گڏيل تعاون سان ايڪسپو سينٽر حيدرآباد کي فعال ڪيو ويندو. چيف سيڪريٽري چيو ته حيدرآباد صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر ھجڻ سان گڏوگڏ ٻين شھرن لاءِ پڻ واپار جو مرڪز آھي. حيدرآباد ايڪسپو سينٽر۾ زرعي پيداوار، جانورن، ھينڊي ڪرافٽس ۽ مقامي صنعت کي هٿي ملندي. ايڪسپو سينٽر حيدرآباد مقامي، قومي ۽ عالمي سطح جي صنعتڪارن کي ھڪ پليٽفارم ملندو. چيف ايگزيڪيوٽو ٽڊاپ عارف احمد چيو ته ٽڊاپ کي ڪراچي ايڪسپو سينٽر ھلائڻ جو تجربو آھي، حيدرآباد جو ايڪسپو سينٽر به بھترين نموني ھلايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔