ميان صاحب جو ڊوميسائيل مون کان بھتر آھي: آصف زرداري

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته ميان صاحب کي ڪا به صلاح نه ڏيندس، نواز شريف ڏيهه واپس ورڻ چاهي ٿو ته، بسم الله، اِها سندس مرضي آهي، پي ٽي آءِ ته اقتدار ۾ آهي ئي نه، نواز شريف جو ڊوميسائل بهتر آهي، اسلام آباد ۾ عدالت ۾ پيشي دوران صحافين سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ اهو ئي ٿيندو جيڪو اڳ ٿيندو آيو آهي، ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت بلاول جي ڏسي رهيو آهيان، سليڪٽرز ٻُڌي وٺن ته اسان به هِن ملڪ ۾ رهون ٿا، صحافي سوال ڪيو ته ڇا اوهان سياست کان پاسيرا ٿي ويا آهيون، آصف زرداري جواب ڏنو ته هاڻ ڪمانڊر بلاول آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔