ڪارن سوڌو مختلف گاڏين جي اگهن ۾ سوا 2 لکن تائين لاٿ

ڪراچي: ملڪ جي مختلف آٽو موبائل ڪمپنين مختلف گاڏين جي قيمتن ۾ 38 هزارن کان سوا 2 لک رپين جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ سوزوڪي ڪمپني پنهنجن الٽو، ڪلٽس، ويگن ۽ سوئفٽ ڪارن جي قيمتن ۾ 74 هزارن کان هڪ لک 32 رپيا گهٽتائي ڪئي آهي، ٻئي طرف ٽويوٽا ڪمپني وري ڪرولا، يارس ۽ فارچيونر جي اگهن ۾ 60 هزار مان سوا 2 لک رپيا ڪمي ڪئي آهي، هوڏانهن هونڊا ڪمپني سوڪ ۽ وي ٽيڪ جي اگهن ۾ 75 هزار کان هڪ لک 12 هزار رپين جي لاٿ آندي آهي، جڏهن ته ڪيا ڪمپني وري پڪانٽو، اسپورٽيج ۽ سورينٽو جي اگهن ۾ هڪ لک 5 هزار کان هڪ لک 96 رپين جي گهٽتائي ڪئي آهي، ٻئي پاسي هنڊائي ڪمپني پنهنجن گاڏين جا اگهه 96 هزار کان هڪ لک 33 هزار، يونائٽيڊ ڪمپني 71 کان 89 هزار ، فا ڪمپني 38 کان 83 هزار ۽ پرنس ڊي ايف ايس ڪي 71 هزار کان هڪ لک 12 هزار رپيا گهٽتائي ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔