سنڌ ۾ ڊيپوٽيشن تي 10سالن کان ويٺل ڪامورو منصور وساڻ معطل

ڪراچي: وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سنڌ ۾ ڊيپوٽيشن تي 10سالن کان ويٺل او ايم جي گروپ جي ڪاموري منصور وساڻ کي معطل ڪري ڇڏيو. سال 2011ع ۾ وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن مان ٽن سالن تي سنڌ آيل 18هين گريڊ جو ڊپٽي سيڪريٽري مُدو پورو ٿيڻ باوجود واپس نه ويو هو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران کيس ڪيترائي ڀيرا شوڪاز نوٽس ويا هئا، پر صحت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ايڊمن طور مقرر ڪاموري شوڪاز جو جواب ئي نه ڏنو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڪاموري کي معطل ڪري ڇڏيو، بااثر ڪاموري منصور وساڻ کي معطل ڪرڻ بعد چارج شيٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران منصور وساڻ کي 4 مهينن تائين معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪليشن جاري ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔