آمريڪا ويهن سالن کان پوءِ بگرام ايئربيس افغان فوج حوالي ڪري ڇڏيو

ڪابل: آمريڪا بگرام ايئربيس 20 سالن کان پوءِ افغان فوج جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي فوج بگرام ايئربيس افغان فوج جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. تقريبن 20 سالن تائين بگرام ايئربيس جو ڪنٽرول آمريڪي فوج وٽ رهيو. جيڪو طالبان ۽ القاعده جي اڳواڻن خلاف حملن جو اهم مرڪز هو.جڏهن ته هتان شروعاتي طور تي هڪ لک کان وڌيڪ آمريڪي فوجي مقرر هئا. آمريڪي فوج بگرام ايئربيس جو ڪنٽرول اڄ صبح افغان نيشنل ڊفينس اينڊ سيڪيورٽي فورسز جي حوالي ڪيو. پر افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته بيس ڇنڇر جي ڏينهن هڪ تقريب ۾ افغان حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔