يونس خان ٻه هزار نو جي بغاوت جو ماسٽرمائنڊ آفريدي کي قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور: يونس خان 2009 ۾ ساٿي رانديگرن طرفان بغاوت جو ماسٽر مائنڊ شاهد آفريدي کي قرار ڏئي ڇڏيو. يونس خان ڏکڻ آفريقا ۾ چيمپين ٽرافي 2009 ۾ ساٿي رانديگرن طرفان بغاوت جو ماسٽر مائنڊ شاهد آفريدي کي قرار ڏئي ڇڏيو.ان وقت رانديگرن يونس خان جي ڪپتاني ۾ نه کيڏڻ جو ارادو ڪندي قرآن پاڪ تي حلف کنيو هو. ان بغاوت ۾ شاهد آفريدي، شعيب ملڪ، مصباح الحق ۽ محمد يوسف اڳيان هئا. هڪ انٽرويو ۾ يونس خان چيو ته مون کي لڳي ٿو ته اهو ڪپتاني حاصل ڪرڻ جو معاملو هو، شاهد آفريدي پاڻ مڃيو هو ته هو شڪايت کڻي ان وقت جي پي سي بي چيئرمين اعجاز بٽ وٽ ويو هو. آل رائونڊر ڪراچي کان فلائيٽ ۾ اسلام آباد ويو ۽ ڳالهيون به ڪيون ته شايد ماسٽر مائنڊ به اهوئي هوندو.خبر نه آهي ان اها ڳالهه ڇو ڪئي. شڪايت آهي پر يونس خان کي ڪپتاني تان نه هٽايو وڃي. هن چيو ته جنهن به ڳالهه ڪئي ان جو اهو چوڻ هو ته يونس خان سخت مزاج آهي. رانديگر ان جي ڪپتاني ۾ کيڏڻ نٿا چاهين ڪنهن به پاڻ اهو نه چيو هو ته هو کيڏڻ لاءِ تيار نه آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔