پاڪستان جي سياست ۾ تمام وڏو فرق اچڻ وارو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آھي تھ اپوزيشن ٽن سالن تائين حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪيون، هاڻي ذهني طور تيار آهي ته ايندڙ 2 سال به عمران خان جا هجن، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ تمام وڏو فرق اچڻ وارو آهي، هاڻي ملڪي سلامتي جي سياست ٿيڻ وڃي رهي آهي، اپوزيشن سان بهتر لاڳاپا هجڻ گهرجن، ڪشمير جي اليڪشن کانپوءِ چونڊ سڌارن تي اپوزيشن سان ڳالهيون ڪنداسين، بلاول ڀٽو زرداري ٻار آهي، بيان ڏيندو رهندو آهي، کيس ڇڏي ڏيو، شهباز شريف ۽ مريم نواز ۾ وڏيون وڇوٽيون اچي ويون آهن، ٻنهي جو سياسي انداز مختلف آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔