ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 40 ماڻهو فوت

اسلام آباد: پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 40 ماڻهو فوت ٿي ويا، هڪ هزار 37 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 46 هزار 145 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان هڪ هزار 37 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ 40 ماڻهو فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 2.2 سيڪڙو رهي، ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا کان فوتين جو انگ 22321 ٿي ويو ۽ مجموعي ڪيسز 9 لک 58 هزار 408 تائين پهچي ويو، هن کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 836 مريض ڪورونا کان صحتياب به ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو تعداد 9 لک 4320 ٿي ويو جڏهن ته فعال ڪيسز جو تعداد 31 هزار 767 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔