آخري رسمن تي سوڳوارن کي چرس وارو ڪيڪ کارايو ويو

برلن :جرمني ۾ هڪ شخص جي آخري رسمن کانپوءِ سوڳوارن کي چرس وارو ڪيڪ کارايو ويو.برطانوي خابرو اداري موجب اتر جرمني ۾ مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ شخص جي آخري رسمن کانپوءِ سوڳوارن کي غلطي سان چرس وارو ڪيڪ پيش ڪيو ويو، ويٿاگان ۾ واقع ريسٽورنٽ ۾ ڪيڪ کائڻ کانپوءِ آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندڙ 13 ماڻهن کي الٽي ۽ مٿي ڦرڻ جي شڪايت ڪئي.ان واقعي کانپوءِ پوليس جي جاچ مان خبرپئي ته ريسٽورنٽ ۾ ڪم ڪندڙ عورت جي ڌيءَ کي ڪيڪ ٺاهڻ لاءِ چيو ويو هو.برطانوي خابرو اداري موجب 18 ورهين جي ناري چرس وارو ڪيڪ هڪ ٻئي موقعي جي مناسبت سان ٺاهيو هو پر غلطي سان سندسوالدا ڪم تي غلط ڪيڪ کڻي وئي.تدفين کانپوءِ ڪافي پيئڻ ۽ ڪيڪ کائڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ هڪ جرمن روايت آهي، ويجهي شهر روسٽاڪ جي پولس جو چوڻ آهي ته ملازم عورت جي ڌيءَ کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔