سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي بعد درگاهون کلي ويون

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي بعد درگاهون کلي ويون، درگاهه قلندر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻيون درگاهون زائرين لاءِ کوليون ويون، سماجي وٿي، زائرين ۽ عملي لاءِ ماسڪ استعمال لازمي قرار ڏنو ويو آھي، جڏھن تھ ملڪ ۾ ٽئين لھر دوران ڪورونا وائرس سبب سڀ کان گھٽ فوتگيون ٿيون، 24 ڪلاڪن دوران ٽئين لھر دوران ھڪ ڏينھن ۾ وائرس سبب 20 ماڻھو فوت ٿيا، مثبت ڪيسز جي شرح 2.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آھي، پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 44496 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 914 ماڻھن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏھن تھ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 2.5 سيڪڙو رھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔