ماضي جي مشهور اداڪاره بيگم خورشيد شاهد لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور: ماضي جي معروف اداڪاره بيگم خورشيد شاهد 95 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، بيگم خورشيد جي لاڏاڻي تي تصديق سندس پٽ سلمان شاهد ڪئي ۽ ٻڌايو ته والده ڪافي عرصي کان بيمار هئي، بيگم خورشيد شاهد جي نماز جنازه اڄ 4 وڳي ڊفينس فيز 2 اي بلاڪ ۾ ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته تدفين فيز 7 قبرستان ۾ ڪئي ويندي، واضح رهي ته بيگم خورشيد شاهد فني ڪيريئر جو آغاز آل انڊيا ريڊيو سان 9 سالن جي عمر بطور گلوڪاره ۽ اداڪاره طور ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔