ماهرا خان جي فني ڪيريئر جا 10 سال مڪمل، مداحن جي ٿورائتي

ڪراچي : پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان انڊسٽريءَ ۾ 10 سال مڪمل ٿيڻ تي مداحن طرفان ملندڙ محبت تي سندن ٿورا مڃيا آهن.
انسٽاگرام تي جاري پوسٽ ۾ ماهرا خان ٻڌايو ته مان اداڪارا طور انڊسٽريءَ ۾ 10 سال مڪمل ڪري ورتا آهن، منهنجا ٻئي ڊيبيو پراجيڪٽ فلم ”بول“ ۽ سيريل ”نيت“ 24 جون 2011 تي رليز ٿيا هئا.
هن مداحن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان عرصي دوران ڪيترائي لاها چاڙها آيا، ڪيترائي اهڙا لمحا آيا، جن ۾ پاڻ کي اڪيلو ۽ ٽُٽل محسوس ڪيو، جڏهن ته ڪيترائي خوشي جا لمحا به ڏٺا، ان باوجود مداح مون سان گڏ رهيا، مان انهن محبتن تي سندن ٿورائتي آهيان، منهنجو ڪرشماتي سفر اڳتي به جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔