بابر اعظم جو ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ خاص پيغام

لنڊن : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم شوقينن کي چيو آهي ته اهي اسان کي سپورٽ ڪن، کيس مايوس نه ڪنداسين.
قومي ٽيم انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز لاءِ لنڊن پهچي چڪي آهي، جتان قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم شوقينن لاءِ خط جي ويڊيو جاري ڪئي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل ويڊيو ۾ بابر اعظم چئي رهيو آهي ته رانديگرن ۽ شوقينن جو تعلق شاندار هوندو آهي، ٻئي هڪٻئي کانسواءِ ڪجهه به ناهن.
سندس موجب اسان تازو ئي انگلينڊ پهتا آهيون ۽ هاڻ کان ئي شوقينن جا ميسيج اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پاڪستان کانپوءِ اسان کي جتان سڀ کان وڌيڪ سپورٽ ملي آهي، اهو انگلينڊ آهي، شوقين اسان کي سپورٽ ڪن، کين مايوس نه ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔