ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثر هيلٿ ورڪرز جو انگ 16500 کان وڌي ويو

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ هيلٿ ورڪز جو انگ 16560 ٿي ويو، جن مان 163 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن.
ذريعن موجب هيل تائين 9893 ڊاڪٽر، 2363 نرسون ۽ 4304 هيلٿ اسٽاف ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، 16111 هيلٿ ورڪرز ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي چڪا آهن، 163 لاڏاڻو ڪري ويا آهن، جڏهن ته 274 هيلٿ ورڪر گهرن ۾ ۽ 12 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 5803 هيلٿ ورڪرز متاثر ۽ 56 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن، پنجاب ۾ 3477 متاثر ۽ 29 فوت، خيبر پختونخواهه ۾ 3947 متاثر ۽ 44 فوت، بلوچستان ۾ 829 متاثر ۽ 9 ڄڻا فوت، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 1510 هيلٿ ورڪر متاثر ۽ 13 فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔