يونس خان ۽ حسن علي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ جو انڪشاف

ڪراچي: ڏکڻ آفريڪا ۾ يونس خان ۽ حسن علي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ جو انڪشاف سامهون آيو آهي جنهن تي بيٽنگ ڪوچ ڪافي ناراض ٿي ويو هو.ذريعن ٻڌايو آهي ته سنچورين ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ کان پوءِ ڊريسنگ روم ۾ يونس خان حسن علي کي پنهنجي ڊومين کان هٽي ڪري ڪنهن ڳالهه تي ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي هن به سخت جواب ڏنو. معاملو وڌيڪ خراب ٿيڻ کان اڳ ئي يونس خان اتان کان اٿي هليو ويو هو ۽ پوءِ دوري دوران هو گهڻو وقت خاموش ئي رهيو. ان حوالي سان رابطي تي پي سي بي به ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو. جڏهن ته يونس خان سان به رابطو نه ٿي سگهيو.واضح رهي ته اڳوڻي ڪپتان ڪجهه ڏينهن اڳ بيٽنگ ڪوچ جي پوسٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. يونس خان گذريل سال نومبر ۾ 2 سالن جي لاءِ بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔