ڀارت ۾ به سجل علي جي خوبصورتي جا چرچا ٿيڻ لڳا

لاهور: پاڪستاني اداڪاره سجل علي جي خوبصورتي مان بالي ووڊ جي سينئر اداڪاره شبانه اعظمي به متاثر ٿيڻ لڳي.انسٽاگرام تي سجل علي طرفان هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ اداڪاره کي خوبصورت ڪپڙن سان گڏ سلور جيولري پهريندي ڏسي سگهجي ٿو. اداڪاره جي تصوير تي جتي لکين مداحن پسنديدگي جو اظهار ڪيو اتي ئي پاڪستاني شوبز شخصيتن سميت ڀارتي شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪاره شبانه اعظمي به تعريف ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهي.اداڪاره سجل علي جي تصوير تي تبصرو ڪندي هن لکيو ته(هاءِ مين مرجاوان) شبانه اعظمي جي تبصري کي به سوين مداحن طرفان پسند ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اداڪاره حراماني عشق لکندي سجل علي جي خوبصورتي جي تعريف ڪئي.واضح رهي ته سجل علي ۽ بالي ووڊ جي اداڪاره شبانه اعظمي برطانوي فلم پروڊيوسر جمائما گولڊ اسمٿ جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم ۾ جلوه ڏيکارينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔