هڪ به آمريڪي فوجي افغانستان ۾ موجود رهيو ته رد عمل جو حق رکون ٿا: طالبان

دوحه: طالبان چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي فوجي افغانستان مان واپس نه ويا ته رد عمل ڏيڻ جو حق محفوظ رکون ٿا. قطر جي خابرو اداري سان ڳالهيون ڪندي طالبان جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته جيڪڏهن 11 سيپٽمبر 2021 تائين آمريڪي فوجي افغانستان مان واپس نه ويا ته اها دوحه ۾ ٿيندڙ امن معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي جنهن تي طالبان ويڙهاڪ سخت رد عمل ڏيڻ جو حق رکن ٿا.واضح رهي ته عالمي خبرون ڏيندڙ اداري سان ڳالهيون ڪندي آمريڪي عهديدارن ٻڌايو هو ته افغانستان مان آمريڪي سفارتي عملي جي حفاظت لاءِ 650 فوجي اهلڪار موجود رهندا جڏهن ته باقي ٻيا فوجي اهلڪار هلندڙ سال 11 سيپٽمبر تائين واپس موٽي ويندا. آمريڪي عهديدار جي ان بيان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ طالبان ترجمان سهيل شاهين جواب ڏنو ته امن معاهدي ۾ اهو طئي ٿيو هو ته آمريڪا افغانستان مان پنهنجن سمورن فوجي دستن، صلاحڪارن ۽ ڪنٽريڪٽرز کي واپس گهرائيندو.سهيل شاهين وڌيڪ چيو هو ته هاڻ جيڪڏهن 650 فوجي اهلڪار ڪنهن به بهاني سان واپس نه ويا يا هڪ به پرڏيهي فوجي افغانستان ۾ رهيو ته اهو معاهدي جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي جنهن تي طالبان به ڪارروائي ڪرڻ ۾ آزاد هوندا.طالبان جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پرڏيهي فوجي ڪنهن به مقصد جي لاءِ افغانستان ۾ موجود رهيا ته ان کي ملڪ مٿان قبضو سمجهيو ويندو. آمريڪا کي معاهدي جي پاسداري ڪرڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ ڪنهن به صورتحال جي ذميواري به ان مٿان هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔