ملڪ ۾ اڱاري کان پوءِ گئس جي فراهمي وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: ملڪ ۾ 29 جون اڱاري کان پوءِ ڪجهه ڏينهن جي لاءِ گئس جي فراهمي وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.ذريعن موجب ڪراچي جي لاءِ گيس سپلاءِ هڪ سئو پنجاهه ايم ايم سي ايف ڊي گهٽتائي جو امڪان آهي. ٻئي طرف سوئي نادرن جي لاءِ گئس سپلائي 600 ايم ايم سي ايف ڊي گهٽ ٿي وئي آهي. 7 جولاءِ کان پوءِ ملڪ ۾ گئس سپلاءِ معمول تي اچي ويندي. واضح رهي ته گذريل هڪ ڏهاڪي کان پاڻي ۽ بجلي کان علاوه گئس بحران جو حل نه ڪڍڻ ۽ ان بحرانن تي قابو ڪرڻ م ماضي جيان موجوده حڪومت به ناڪام ٿي وئي آهي جنهن سبب عوام موجوده حڪومت مان مايوس ٿي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔