بجيٽ کان پوءِ به مهانگائي جو طوفان رڪجي نه سگهيو، ايڪيهه عام واهپي واريون شيون مهانگيون

سلام آباد: سلياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح وڌي 15.29 سيڪڙو ٿي وئي آهي. گذريل هڪ هفتي دوران پٽاٽا، ٽماٽا، بيضا، ٿوم، بصر، تازو کير، مرغي، گوشت، ڀاڄيون، گيهه، ايل پي جي، باسمتي ٽوٽا چانور، صابڻ، چانهه جي پتي، اٽو ۽ مرغي سميت گڏيل طور تي 21 عام واهپي وارين شين ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي.جڏهن ته کنڊ، مڱن جي دال، چڻن جي دال، ماش جي دال ۽ مصور جي دال سميت 7 عام واريون شيون سستيون ٿيون. شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ جي بنيادن تي ٽماٽا 14.56 سيڪڙو، ايل پي جي 8.64 سيڪڙو، مرغي 11.43 سيڪڙو، بصر 8.38 سيڪڙو، پٽاٽا 1.21 سيڪڙو، ٿوم 6.97 سيڪڙو ۽ گيهه 5.36 سيڪڙو، ڪوڪنگ آئل 1.31 سيڪڙو مهانگا ٿيا. جڏهن ته مڱن جي دال 3.79 سيڪڙو، مسور جي دال 0.26 سيڪڙو، چڻن جي دال 0.71 سيڪڙو، ماش جي دال 0.45 سيڪڙو ۽ کنڊ 0.12 سيڪڙو سستي ٿي.شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 24 جون تي ختم ٿيندڙ هفتي جي دوران حساس قيمتن جا انگ(ايس پي آءِ) جي لحاظ سان گذريل سال جي ان عرصي جي مقابلي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي شرح 15.29 سيڪڙو رهي پر ان جي پوئين هفتي جي مقابلي ۾ مهانگا.ئي جي شرح 0.82 سيڪڙو اضافو ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔