ڪراچي: نیب ڪراچي جي ريجنل بورڊ جو اجلاس، ڊي جي نيب نجف قلي مرزا جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ حيدرآباد پوليس ۾ 378 اھلڪار ڀرتي ڪرڻ واري معاملي تي پير يد جان سرھندي ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
اڳوڻي آءِ جي غلام حيدرجمالي ۽ ٻين خلاف ھلندڙ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڄامشورو ۾ ايجوڪيشن سٽي جي بلڊرن ۽ روينيو آفيسرن خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، نيب موجب بلڊرن روينيو آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري 132 ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو هو.جوابدارن قومي خزاني کي 264 ملين جو نقصان ڏنو. جوابدارن سرڪاري زمين تي قبضو ڪري غيرقانوني ھائوسنگ اسڪيم متعارف ڪرائي. نيب اجلاس ۾ عبدالستار لغاري جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪئي وئي.