بحريه ڌرڻي جي اسيرن جي رمانڊ ۾ واڌ واري درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو چيلينج

ڪراچي: سنڌ حڪومت بحريه ٽائون ڪيس ۾ گرفتار جسقم جي چيئرمين سميت 121 ڄڻن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ واري درخواست رد ڪري کين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ بابت دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي سنڌ هاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاء ڪورٽ جي جسٽس يوسف سعيد جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ صنعان قريشي سميت گرفتار 121 ڪارڪنن ۽ ڪراچي سينٽرل جيل جي سپرينٽيڊنٽ محمد حسن سهتو کي نوٽيس جاري ڪري 22 جون تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ سرڪار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن کان ڄاڻايل ڪيسن بابت وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪري جاچ مڪمل ڪرڻي هئي پر خاص عدالت کين جيل موڪلي ڇڏيو جنهن ڪري ڪيسن جي جاچ مڪمل نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري سمورن جوابدارن کي ٻيهر پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. خاص عدالتن جي انتظامي جج بشير احمد کوسو, بحريه ٽائون ڪيس ۾ گرفتار جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ٻين جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ بابت پوليس جي درخواست رد ڪندي کين جيل موڪلي ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔